لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق، شهباز شريف، آصف زررداري ۽ عمران خان کي پاڪستان جي لاءِ ايٽم بم کان به وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو. لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته لاهور ماحولياتي حوالي سان ايشيا جو نه دنيا جو سڀ کان گدلو شهر بڻجي چڪو آهي، ايل سي بند ٿيڻ سان پولٽري وارا روئي رهيا آهن، ڪڪڙ جي اگهه ۾ جيڪا واڌ ٿي آهي ڪير سوچي به نٿو سگهي. ناڻي واري وزير تي تنقيد ڪندي هن چيو ته ڊار صاحب چيو هو ته ڊالر 200 کان هيٺ آڻيندس، ڊار صاحب ڊالر کي پر لڳي ويا آهن پر اوهان جا ڪيس ختم ٿي ويا آهن، پاڪستاني ڪرنسي ڪاغذ جو ٽڪرو بڻجي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سمورن قومي ادارن کي انهن ماڻهن تباهه ڪيو، اوهان ڪمائي رهيا آهيو ۽ چئو ٿا قوم وڌيڪ ٻوجهه لاءِ تيار ٿي وڃي. سندس چوڻ هوته وفاقي وزير چوي ٿو ته ڪڪڙ جو گوشت استمال نه ڪيو، هڪ وفاقي وزير چوي ٿو ته ٻه پيالا نه هڪ پيالو چانهه تي گذارو ڪيو پر انهن حڪمرانن جا ٻار سرڪاري گاڏين ۾ عيش ڪندي نظر ايندا آهن. سراج الحق اسان جي تباهي ۽ بربادي انهن ماڻهن جي ڪري آهي، اسان جي خلاف ٽي ايٽم بم استعمال ٿي رهيا آهن، شهباز شريف، آصف زرداري ۽ عمران خان، اِهي ٽئي ماڻهو پاڪستان لاءِ ايٽم بم کان وڌيڪ خطرناڪ آهن، ان ٽرائيڪا جي هوندي ڪو خوشحال نه ٿيندو.