ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) جماعت اسلامي 15 جنوري تي ڪراچي ۾  فوج جي نگراني ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. گذريل ڏينهن جماعت اسلامي پاران جناح باغ ۾ ڪرايل جلسي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي ڪراچي ڊويزن جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت جي اڃا به ڪوشش  آهي ته مڪاني چونڊون نه ٿين، پ پ ايم ڪيو ايم جي ڪلهي کي استعمال ڪري مڪاني چونڊن کان فرار ٿيڻ چاهي ٿي پر اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيوي ته مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر شاھه يقين ڏياريو آهي ته مڪاني اليڪشن وقت تي ٿيندي. هن چيو ته ڪراچي جي موجوده حالتن جون ذميوار پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم آهن، ٻنهي جماعتن شهر کي برباد ڪيو آهي، هن چيو ته ڪراچي مان بدامني جي خاتمي لاءِ رينجرز کي اختيار ڏنا وڃن، هن چيو ته ڪراچي شهر وفاقي حڪومت کي بجيٽ جو 55 و ۽ سنڌ کي 95 سيڪڙو  ادا ڪري ٿو، موٽ ۾ ڪراچي کي 2 سيڪڙو به نه پيو ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪراچي مان اوڳاڙي ٿيندڙ ٽيڪس جو 15 سيڪڙو ڪراچي تي خرچ ڪيو وڃي، ايم ڊي اي ۽ ايل ڊي اي کي پڻ ميئر ڪراچي جي ماتحت ڪيو وڃي، هن چيو ته ڪوٽا سسٽم مڪمل طور تي ختم ڪري نوڪريون ۽ داخلائون ميرٽ تي ڏنيون وڃن.