پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف ڇڏي جييو آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪندڙ ايم اين اي ناصر خان موسيٰ زئي جي حجري تي دستي بم سان حملو ڪيو ويو آهي پر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته آئون اسلام آباد ۾ آهيان منهنجي حجري تي نامعلوم ماڻهن دستي بم سان حملو ڪيو ويو شڪر آهي جو حملي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. هن چيو ته وڏي وزير محمود خان ڪجهه ڏينهن پهرين پيغام اماڻيو هو ته سياست کي ڇڏ پنهنجو خير گهر، محمود خان کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ڌمڪي نه ڏني آهي.