شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان ڳوٺ رانجهو ٽالپر ۾ گهر آڏو راند کيڏندڙ 8 ورهين جي رميش پٽ کيتو ڪولهي زهريلي نانگ جي ڪکڻ سبب بيهوش ٿي ويو، جنهن کي وارث بيهوشي واري حالت ۾ شھدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائيسنز اسپتال کڻائي آيا، جتي نينگر کي سنيڪ بائيٽ وئڪسين ڪئي وئي، جڏهن ته نينگر جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب وارث کيس حيدرآباد کڻي وڃي رهيا هئا ته ٻارڙي رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو.