دادو/ ڦلجي اسٽيشن(رپورٽ: فتاح شيخ/ سجاد الرحمٰن پنهور) مخدوم بلاول پوليس جي حد ۾ هوٽل تي ويٺل پورهيت قتل، ماڻهن ۾ ڀاڄ، پوليس نہ پهتي، ڦلجي-دادو لنڪ روڊ تي مخدوم بلاول اسٽيشن وَٽ هوٽل تي ويٺل پورهيت تي هٿيار بندن فائرنگ ڪري ڏني، مذاحمت ڪندي پورهيت سان گڏ ويٺل سندس دوست علي شير هٿياربندن سان وڙهي پيو، 47 سالا پورهيت لال بخش پُٽ شادي خان شاهاڻي گوليون لڳڻ ڪري قتل ٿي ويو، سندس دوست علي شير موجب اسان روزاني هوٽل تي گڏ ويهندا آهيون، ڪجهہ ماڻهن جي اچ وڃ هئي جيڪي اسانجي ويجهي اچي رهيا هئا، اسان انهن کي پهريان ئي سڃاتو پر انهن سان ڪا دشمني نہ هئي ان لاءِ اسان اهڙو ڪجهہ نہ سوچيو، هن ٻڌايو تہ انهن ئي ماڻهن اوچتو فائرنگ ڪئي، مون سندن کان هٿيار ڦُرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي پر هُنن جي فائرنگ سبب لال بخش هيٺ ڪري پيو، مون انهي کي کنيو ايتري ۾ ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ هٿياربند فرار ٿي ويا، لال بخش اسپتال نيئندي فوت ٿي ويو، علي شير موجب فائرنگ ڪندڙ ڪچي جي ڳوٺ جا رهواسي محمد شاهاڻي، امداد شاهاڻي، مصطفىٰ عرف راڻو شاهاڻي هئا، آئون پنهنجي دوست جي قتل جو فريادي ۽ اکين ڏٺو شاهد ٿيندس، ان جي ڪنهن سان دشمني نہ هئي، ظالمن ظُلم ڪيو آهي هڪ بي ڏوهي پورهيت کي سر عام قتل ڪيو آهي، لال بخش پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪندڙ هو، مقتول لال بخش کي 4 پُٽ ۽ 4 نياڻين جو اولاد هو، سندس اصل ڳوٺ لال بخش شاهاڻي آهي، مقامي زميندار وٽ هارپو ڪندڙ هو، واقعو مخدوم بلاول پوليس جي حد ۾ پيش آيو، پوليس وقت تي نہ پهتي، لاش جو سول اسپتال دادو مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، سندس جنازي نماز ڳوٺ ٻاهران ادا ڪرڻ بعد تدفين ابراهيم شاهہ قبرستان ۾ ڪئي وئي. ڊاڪٽر موجب مقتول لعل بخش کي 6 گوليون لڳل هيون ٻئي طرف موندر پوليس جو چوڻ آهي واقعو پئيسن جي ڏيتي ليتي تان پيش آيو آهي. هوڏانهن مقتول جي ڀاڻج ڊاڪٽر ولي محمد شاهاڻي ٻڌايو ته ڪچي جي ڳوٺ جا رهواسي محمد خان شاهاڻي امداد شاهاڻي مصطفي عرف راڻو شاهاڻي موٽر سائيڪل تي سوار ٿي اچي هوٽل تي ويٺل منهنجي مامي لال بخش شاهاڻي جي مٿان پسٽلن جا سڌا فائر ڪري کيس قتل ڪيو آھي اسان جي جوابدار ڌر سان ڪابه دشمني نه آھي اسان کي سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته جوابدارن بيگناھ مامي کي گوليون هڻي قتل ڇو ڪيو آھي.