قمبر (رپورٽر) قمبر ۾  عوامي تحريڪ طرفان 22 مئي تي ڪراچي ۾ نڪتل محبت سنڌ ريلي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل شبير بليدي جي 11هين ورسي ملهائي وئي، ان ڏس ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن عرفان چانڊيو، محسن رضا ۽ غلام مصطفيٰ چانڊيو جي اڳواڻي ۾ قافلي جي صورت ۾ ڳوٺ دليل ٻرڙو ۾ شهيد شبير بليدي جي قبر تي پهچي گلن نڇاور ڪري ڀيٽا ڏني، اڳواڻن چيوته 11  سال اڳ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي سازش خلاف عوامي تحريڪ طرفان نڪتل پر امن ريلي تي نسل پرست تنظيم طرفان فائرنگ ڪري غزاله بتول، ستار انڙ ۽ شبير بليدي کي شھيد ڪيو، هنن چيو ته شھيدن سنڌ جي بقا خاطر جانيون قربان ڪيون، اسين کين سرخ سلام ڪريون ٿا.