فريدآباد (ن پ ا)  ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن جو گهر سروي لسٽ مان ڳوٺ جو نالو ڪٽجڻ ۽ واھر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو. فريدآباد ۾ ڳوٺ نور محمد بروهي جي رھواسين نور محمد، يار محمد، عبدالقادر، عبدالستار،ماھ بيبي، بيبي ناز، رحيمه خاتون، ساريان، ٻارڙن بختاور، راڻي صدوري، عبدالمجيد، دلبر ھدايت ۽ ٻين  سروي لسٽ مان ڳوٺ جو نالو ڪٽجي وڃڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيو ته ٻوڏ سبب گهرن ڀرسان کنڊ لڳڻ ڪري اسان جو الھ تلھ لڙھي ويو، سمورا گهر پٽ ٿي ويا آهن کليل آسمان هيٺ ويٺل آھيون ھنن چيو ته پاڪ آرمي پاران سروي ڪرڻ باوجود اسان جي ڳوٺ جو نالو انتظاميه ڪٽي ڇڏيو آهي ڳوٺ سروي جي بحالي لاءِ اي سي ميھڙ ڊي سي دادو جي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر ڪوبه تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.