لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ستون نمبر ناڪي وٽ ٻه هفتا اڳ زميني تڪرار تان قتل ٿيل پنجن ڄڻن جي وارثن قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ياسمين سولنگي، اربيلي، زڪيه ۽ سليمان سولنگي دانهيو ته جوابدارن صديق مغيري، عطاءُالله، فدا، مستي، مرزان، ممتاز، نظير، احدي، وقار، جاني، ڪاشف، الطاف مغيري، حبدار سولنگي، انور سولنگي سميت 15 هٿياربندن اسان جا 5 ڄڻا قتل ڪيا پوليس صرف 3 جوابدارن مرزا، ممتاز ۽ نظير مغيري کي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته ٻيا جوابدار اڃا تائين گرفتار ناهن ڪيا، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.