لاهور (م ڊ) پنجاب جي گهرو وزارت ۽ جيل اختيارين لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، رپورٽ مطابق جيل ڀريو تحريڪ تحت گرفتاريون ڏيندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي اٽڪ، اسد عمر راجنپور ۽ عمر سرفراز چيمه بکر جيل ۾ نظربند آهن، جيل ڀريو تحريڪ تحت گرفتاريون ڏيندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ٻين ضلعن ۾ منتقلي خلاف ۽ آزادي لاءِ درخواستن تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، گهرو وزارت ۽ جيل اختيارين جي پورٽ مطابق تحريڪ انصاف جي 9 اڳواڻن کي 30 ڏينهن لاءِ نظربند ڪيو ويو آهي، وليد اقبال ليه، اعظم سواتي رحيم يار خان، مراد راس ڊي جي خان جيل ۾ نظربند آهي، نظربندي جا حڪم ڊي سي لاهو رجاري ڪيا، گرفتار 77 ٻين ماڻهن کي پنجاب جي مختلف جيلن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، عدالت سرڪاري وڪيل کي 3 مارچ تائين تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.