ھالا(رپورٽ: عبدالغفور ميمڻ) مخدوم محبوب الزمان پنهنجي پي اي کي شادِيءَ تي ڊالرن جو هار پارائي ڇڏيو. ان ڏس ۾ حڪمران جماعت جي صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان جي پي اي سيد سيف  علي شاهه جي نڪاح جي تقريب حيدرآباد باء پاس تي ڳوٺ سيد بخاري شاهه ڪالوني ۾ ٿي گذري.نڪاح جي تقريب ۾ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان، صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان، سروري جماعت سنڌ جي صدر مخدوم احمد زمان، ايس ايس پي مٽياري ڪليم امام ملڪ سميت ٻين اعلا سياسي شخصيت، سرڪاري آفيسرن علائقن جي معزز تمام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. نڪاح جي تقريب جي موقعي تي گهوٽ سيد سيف علي شاهه کي مخدوم محبوب الزمان پاران سوين ڊالرن جي نوٽن سان تيار ٿيل هار پارايو ويو، جڏهن ته مخدوم محبوب الزمان پاران ڏهن تولن کان وڌيڪ جو سونو تاج، لکين روپين جي قيمتي گهڙي تحفي طور ڏني ويئي. شادي جي نڪاح جي تقريب جي موقعي تي مليل تحفن جي ماليت ڪروڙين روپيا ٻڌائي پئي وڃي. صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان جي پي اي سيد سيف علي شاهه جي شادي جي عاليشان تقريب اڄ 28 فيبري 2023 اڱاري ڏينهن اربع جي رات جو ڪباب جي ريسٽورنٽ حيدرآباد باء پاس تي رٿيل آهي شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهچندڙ دعوتين جي لاءِ حيدرآباد باء پاس تي سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا پيا وڃن. ٻئي پاسي گهوٽ سيف علي شاهه چيو آهي ته ڪنهن جي ذاتي زندگي ۾ دخل اندازي نه ڪئي وڃي. ڪنهن به صوبائي وزير ھار ناھي پارايو. مونکي اھو ھار ڪلاس فيلو دوست پارايو آھي. جنهن جي ڪل ماليت 24 ھزار روپيا آھي. هن چيو ته ھي تاج سون جو نه پر سون جو پاڻي چڙھيل آھي ڀلي سوناري کي ڏيکاريو.