اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد پوليس ادارن کي بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ جي الزام هيٺ رٽائرڊ جنرل امجد شعيب کي گرفتار ڪري ورتو آهي، رٽائرڊ جنرل امجد شعيب خلاف رمنه ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪيو ويو،  ايف آءِ آر موجب ماجسٽريٽ اويس خان درخواست ڏني آهي ته هڪ ٽي وي شو دوران تجزيا نگار امجد شعيب سرڪاري ملازمن کي سندن فرض سرانجام نه ڏيڻ لاءِ ڀڙڪايو، ايف آءِ آر ۾ درخواستگذار جو وڌيڪ چوڻ هو ته سڀاڻي کان ڪير به آفيسز ۾ نه ويندو ته حڪومت سوچڻ لاءِ مجبور ٿي ويندي، امجد شعيب حڪومت، اپوزيشن ۽ ملازمن وچ ۾ نفرت پيدا ڪري ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي، هوڏانهن اسلام آباد جي عدالت ادارن کي بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل رٽائرڊ جنرل امجد شعيب کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو،  امجد شعيب جي وڪيل چيو ته امجيد شعيب رڳو مثبت تنقيد ڪئي آهي، سندس خلاف سياسي بنيادن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، سندس خلاف داخل ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي.