اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي پاور ڪاميٽي جو اجلاس رياض مزاري جي صدارت ھيٺ ٿيو، بجلي جي وفاقي وزير خرم دستگير قومي اسيمبلي جي پاور ڪاميٽي کي ٻڌايو آھي ته نقصان وارن فيڊرز جي رڪوري کي پرائيويٽ ڪرڻ وڃون پيا، آءِ ايم ايف بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ اضافي جو مطالبو ڪري رھيو آھي، اسان پراڻي رھتون جي وصولي جو فيصلو ڪيو آھي. وفاقي وزير بجلي چوري ۽ لائن لاسز تي اِن ڪئمرا بريفنگ جي تجويز ڏني، اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پنج ڊسڪوز ۾ رڪوري جا وڏا مسئلا آھن بجلي چوري ٿيندڙ يونٽس ٻين صارفين مٿان ھنيا ويندا آھن، عام صارفين جي ٽيرف کي گھٽ ڪرڻ لاءِ بجلي چوري کي روڪڻ جو پلان جوڙيو ويو آھي. ڏيڍ لک صارفين کي ايدوانس ميٽر لڳائي ڏنا ويندا. عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ مھانگي فيول مان بجلي بجاءِ سولر تي منتقل ڪنداسين. آءِ ايم ايف بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ اضافي جو مطالبو ڪيو آھي پر اسان رھتون عوام کان وصول ڪنداسين. بليڪ آئوٽ کي روڪڻ لاءِ ڏکڻ  پنجاب ۾ ھڪ ڪٽ آئوٽ جڳھه تعمير ڪري رھيا آھيون، پاور ڊويزن جي اختيارين چيو ته ڪافي فيڊرز اھڙا آھن جيڪي چاليھه سال پراڻا آھن اُھي نقصان جو سبب بڻجي رھيا آھن تنھن ڪري انھن کي اپگريڊ ڪيو وڃي.