خيرپور (رپورٽر) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ مخدوم عبدالرحمٰن شهيد ڪلچرل ايجوڪيشنل ڊولپمينٽ ٽرسٽ جي وچ ۾ يادداشت جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. وائيس چانسلر شاھ عبداللطيف يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو ۽ چيئرمين مخدوم عبدالرحمٰن شهيد ٽرسٽ مخدوم نديم احمد ھاشمي معاهدي تي صحيحون ڪيون. معاهدي تحت ٻئي ادارا صوفي ازم، امن، تعليم، ثقافت ۽ رواداري جي موضوعن تي سيمينار ۽ ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ ۾ هڪٻئي سان تعاون ڪندا.