سکر (بيورو رپورٽ) سکر ضلعي ۾ سنڌ حڪومت پاران رٿيل کليل ڪچهري 20 آڪٽوبر تي ٿيندي. شيڊول ۾ تبديليءَ جو سرڪيولر جاري ڪيو ويو. سنڌ صوبي ۾ کليل ڪچهرين جي سلسلي ۾ سکر ضلعي لاءِ 28 سيپٽيمبر تي رٿيل ڪچهريءَ جو شيڊول تبديل ڪيو ويو آهي. نئين شيڊول مطابق کليل ڪچهري هاڻي 20 آڪٽوبر 2021 اربع ڏهاڙي منعقد ڪئي ويندي. ڄاڻايل کليل ڪچهريءَ ۾ صوبائي وزير سردار علي شاهه ۽ پارلياماني سيڪريٽري هير سوهو خاص مهمان هوندا.