ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو ۾ ميڊيڪل ٽيم شھر ۾ نڪري پئي، 35 کان وڌيڪ شھرين کي ڪورونا وئڪسين ڪئي وئي، اسسٽنٽ ڪمشنر ڊاڪٽر ثناءُ الله ڀٽي جي اڳواڻي ۾ ميڊيڪل ٽيم شھر جي شاھي بازار، صرافه بازار، مين بازار ۾ شھر جو وزٽ ڪري 35 کان وڌيڪ دڪاندارن ۽ شھرين کي ڪورونا کان بچاءُ لاءِ ويڪسين ڪئي.