گھارو (ن پ ا) گھارو شهر ۾ نمبر ھڪ جي گرلس پرائمري اسڪول مان ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب شاگردياڻيون برسات ۽ گندي پاڻي مان گذري اسڪول پهچڻ تي مجبور آهن، ٻي طرف شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن وحيد راھوجو، بشام جوکيو، آصف جوکيو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته انتظاميا جي لاپرواهي سبب اسڪول برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهي، هنن چيو ته اسڪول ۾ بجلي، پيئڻ جو پاڻي، واشروم سميت ڪابه سهولت ناهي، جنهن سبب شاگردياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسڪول مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.