نواب ولي محمد (ن پ ا) نواب ولي محمد ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، معصوم نينگري فوت، خبر موجب رمضان راھو لنڪ روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 5 سالن جي نينگري عريبا ڌيءُ نديم کوسو ٿڌي تي فوت ٿي وئي، فوتي نينگري جو لاش ضروري ڪارروائي بعد ڳوٺ رسول بخش کوسو نيو ويو جتي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، نواب ولي محمد پوليس ٽريڪٽر ٽرالي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.