شانگله (ڊيسڪ رپورٽ) شانگله ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري پيءَ ۽ سندس ٽن پٽن کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب فائرنگ جو واقعو شانگله جي علائقي پورن ۾ پيش آيو جتي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ پيءُ ۽ هن جا 3 پٽ شامل آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته لاشن کي پوسٽ مارٽم جي لاءِ پورن اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي کي گهيري ۾ آڻي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، خدشو آهي ته واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو آهي.