ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سهراب ڳوٺ واري علائقي ۾ ڪسٽم ٽيم ڇاپو هڻي اسمگل ڪري آندل ڪپڙو ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ڪسٽم هائوس منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهي دوران اسمگلرن سخت مزاحمت ڪندي ڪسٽم ٽيم تي پٿراءَ ڪيو، جنهن سبب ڪسٽم ٽيم جي گاڏين جا شيشا ٽٽي پيا جڏهن ته علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، ڪسٽم اختيارين پنهنجي بچاءَ ۾ هوائي فائرنگ ڪئي. مڇريل ماڻهن روڊ بلاڪ ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي، اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري پهچي روڊ ڪليئر ڪرايو، ڪسٽم موجب ڪروڙين رپين جو سامان ضبط ڪرڻ تان اسمگلر مڇرجي پيا