سڪرنڊ (ن پ ا) سنڌ جي نامياري شاعر اديب ۽ تاريخدان ماڻڪ ملاح سخت بيمار، سندس گڙدن جي تڪليف وڌي وئي، رت اچڻ سبب کيس بيھوشي واري حالت ۾ نواب شاھ اسپتال نيو ويو، جتان ابتدائي علاج بعد سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ تلي ۾  گھر آندو ويو، جتي سندس علاج جاري آهي، جتي سندس ڪنهن به واهر ناهي ڪئي، رابطو ڪرڻ تي سندس ويجھن دوستن ٻڌايو ته سنڌ جي ثقافت کاتي کي ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، اديب تاج جويو ۽ سماجي اڳواڻ صالح ڪيريو ڪيترائي ڀيرا علاج جي اپيل ڪري چڪا آھن پر اڃا تائين ماڻڪ ملاح جو سرڪاري خرچ تي علاج ناهي ٿي سگهيو، سنڌ جي سڄاڻ ڌرين گھر ڪئي ته ناليواري اديب ماڻڪ ملاح جو فوري طور تي سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي،