گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ لڳ ڳوٺ رحمون کوسو ۾ پورهيت نصرالله کوسو جي ڌيءُ 8 ورهين جي ماجده جي ٻنهي بڪين ۾ پٿريون آھن ۽ هڪ بڪي ختم ٿي وئي آھي ۽ 10 ورهين جي ذواليخان کوسو معذور هئڻ سبب گهمڻ ڦرڻ کان لاچار  آھي.نينگرين جي امڙ حليمان خاتون ۽ پيءُ نصرالله کوسي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڌيءُ جو سرڪاري اسپتال مان علاج ڪرايو، اتان ڪو به فائدو ناهي ٿيو، ويتر سندس هڪ بڪي به ختم ٿي وئي آھي ۽ ٻي بڪي جو آپريشن ٿيندو، اسان وٽ پئسا ناهن. ۽ ٻي نياڻي گهمڻ ڦرڻ کان لاچا آهي، ان جو به علاج نه ٿا ڪرائي سگهون هنن صحت کاتي جي صوبائي وزير ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڌيئرن جو علاج ڪرائي انهن جي زندگي بچائي وڃي.