شادي لارج(ن پ ا) شادي لارج ويجھو ٻه نينگريو پراڻ ڍوري ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون آهن. ان ڏس ۾ شادي لارج ويجھو قبائلي چڪ لڳ ڳوٺ پوڙھو خان لنڊ ۾ پراڻ ڍوري ۾ ڪپڙا ڌوئيندي پير ترڪڻ سبب 11 ورهين جي نينگري آسماءَ ڌيءَ علي محمد لنڊ ٻڏي وئي، جنهن کي بچائيندي سندس سئوٽ 12 ورهين جي نينگري زليخان ڌيءَ الھبچايو لنڊ به ٻڏي فوت ٿي ويئي. ٻارڙن جي رڙين تي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻنھي نينگرين جا لاش ڪڍي ورتا. هوڏانھن لاش گهر پهچڻ تي گھرن ۾ ڪهرام مچي ويو. گهرڀاتين کي بيهوشيءَ جا دورا پئجي ويا.