ٽالهي (ن پ ا) ٽالهي شهر ۾ قائم ڪيل احساس ڪفالت سينٽر تي انتظاميا جي نااهلي سبب رقم جي وصولي لاءِ آيل بيواهه عورت سفوران گشڪوري جون سينٽر جي دروازي ۾ آڱريون اچڻ سبب 2 آڱريون ڪٽجي الڳ ٿي ويون. متاثر عورت جون دانهون، انتظاميا تماشو ڏسندي رهي. بيواهه عورت جون آڱريون ڪٽجڻ سبب هوءَ بي هوش ٿي هيٺ ڪري پئي جنهن کي وارث کڻائي ٽالهي شهر جي بي ايچ يو پلس سينٽر آندو جتي عملو نه هجڻ ڪري وارث مجبور ٿي متاثر عورت کي نجي اسپتال کڻائي ويا، جتي متاثر عورت کي طبي امداد ڏني وئي، هوڏانهن عورت جي وارثن ضلعي انتظاميا توڙي ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.