سکر (بيورو رپورٽ) ايس آءِ يو ٽي اسپتال انتظاميا وڪيل محفوظ اعواڻ معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته سوئي گئس انتظاميا بنا جواز نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته بجلي هجڻ باوجود گئس ڪنيڪشن غير ضروري آهي، تنهن ڪري اهو ڪاٽيو ويندو. گئس انتظاميا جو اهڙو عمل مريضن لاءِ جاني نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿو، بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ گهٽ وولٽيج سبب جديد ترين مشينري کي به نقصان جو خدشو آهي، وڪيل محفوظ اعواڻ موجب ايس آءِ يو ٽي ۾ روزانو هڪ سو ستر کان وڌيڪ مريضن جو ڊائلاسز ٿيندو آهي، ان دوران جيڪڏهن بجلي بند بند ٿي وڃي ته قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو به خدشو هجي ٿو، جنهن ڪري ايس آءِ يو ٽي انتظاميا نو رسڪ پاليسي تي عمل ڪندي گئس جنريٽر ذريعي بنا لوڊشيڊنگ جي بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائي مريضن جي صحت جو خيال رکي ٿي. استعمال ٿيندڙ گئس جو ماهوار 10 کان 12 لک باقائدگي سان گئس جو بل به ادا ڪيو ويندو آهي۔ وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته گئس انتظاميا کي حڪم ڏنو وڃي ته هو نوٽيفڪيشن واپس وٺي گئس جي فراهمي کي يقيني بڻائي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي بعد سوئي گئس انتظاميا کي گئس نه ڪٽڻ جو پابند بڻايو آهي.