ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پورهيتن تي تشدد ۽ گھرن تي حملن بعد ڇڪتاڻ برقرار، جسقم جي ريلي، پوليس سرڪاري مدعيت ۾ جھيڙي جو ڪيس داخل ڪري ورتو. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب اربع ۽ خميس جي وچ واري رات جو ڪورنگي جي بلال ڪالوني ۾ فيڪٽري اندر ٻن مزدورن ۾ جھيڙو ٿيو هو، جنهن بعد هڪ ڌر جي هٿياربندن ٻي ڌر جي گھرن مٿان حملا ڪري هوائي فائرنگ پڻ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 30 پورهيت زخمي ٿيا هئا. انهي واقعي بعد ڇڪتاڻ برقرار آهي، علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. ڪالهه پورهيتن تي تشدد ۽ سندن گھرن تي حملن خلاف جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ، ديدار شام، الاهي بخش بيڪڪ سان گڏ بلاول ڪالوني پهچي زخمي پرويز جاگيراڻي جي عيادت ڪئي ۽ واقعي جا تفصيل ورتا، بعد ۾ بلال ڪالوني جي المرتضيٰ چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي جسقم اڳواڻن چيو ته اسان ڪراچي جا وارث آهيون، سنڌي پاڻ کي نڌڻڪو نه سمجهن، ڪراچي ۾ صنعتڪار هٿ وٺي ڌارين کي مضبوط ڪري رهيا آهن، جنهن سبب فيڪٽرين ۾ سنڌي پورهيتن سان جهيڙا ۽ ٻيا مسئلا ٿي رهيا آهن، ڪورنگي جي ڪارخاني ۾ پورهيتن سان جهيڙي بعد بلال ڪالوني ۾ ٿيل حملي کي دهشتگردي سمجهون ٿا، فيڪٽري انتظاميا سنڌي پورهيتن کي تنگ ڪري بيدخل ڪري رهي آهي، هن چيو ته سنڌ سرڪار کي گهرجي ته اها ڪراچي جي صنعتڪارن کي پابند بڻائي ته اهي سنڌي ماڻهن کي روزگار سان گڏ بنيادي سهولتون ڏين، هنن چيو ته ڪراچي ۾ سنڌين کي لاوارث نٿو ڇڏي سگهجي، پنهنجن ماڻهن جي هر محاذ تي مالڪي ڪئي ويندي، هنن چيو ته پيپلزپارٽي جي دور ۾ شهيد بابا بشير قريشي، شهيد بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد خالد محمود سومرو کي شهيد ڪيو ويو، ڪراچي ۾ سرعام ارشاد رانجهاڻي کي شهيد ڪيو ويو، اسان کي سنڌ خاطر سڀئي ويڇا وساري هڪ ٿيڻو پوندو، هوڏانهن عوامي ڪالوني ٿاڻي تي پوليس سرڪاري مدعيت ۾ جھيڙي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته 20 اپريل تي فيڪٽري اندر ۽ ٻاهر ٻن گروپن ۾ جھيڙو ٿيو، 40 کان 50 نامعلوم ماڻهن هڪٻئي تي ڏنڊن سان حملو ڪيو، هڪ جوابدار محمد سليمان پٽ عبدالمجيد هوائي فائرنگ پڻ ڪئي آهي، ٻيهر به جھيڙي جو خدشو آهي. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا پر اهي هٿ اچي نه سگھيا آهن