شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت پاران گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويل 6 ورھين جي نينگر واري واقعي جو ميونسپل ايڊمنسٽريشن ذميوار قرار، ايڊمنسٽريٽر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ فنڊن جي جاچ ڪرڻ جو حڪم، خبر موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران جاري ڪيل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ٻارڙي ايان علي جي کليل گٽر ۾ ڪرڻ واري واقعي جو ذميوار ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور جو ايڊمنسٽريٽر محمد حنيف پتافي آھي، جنھن خلاف اسٽورٽ گنج ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري فوتي ٻارڙي جي والدين جا بيان قلم بند ڪري ھڪ ھفتي اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ان کانسواءِ عدالت پاران ڇھن مھينن دوران خرچ ڪيل ميونسپل انتظاميا جي پيش ڪيل بجيٽ واري رپورٽ کي پڻ ڪوڙو قرار ڏيندي نيب کي ميونسپل ڪاميٽي جي بجيٽ ۽ ڪيل خرچ 12 ڪروڙ 78 لکن جي جاچ جو حڪم پڻ ڏنو ويو، ياد رھي ته 17 ڏينھن اڳ ٺارو پور پاڙي ۾ کليل گٽر ۾ نينگر ايان علي جلباڻي جي ٻڏي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاڻمرادو نوٽيس ورتو ھو، جنھن جو جواب ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا جمع ڪرايو ھو پر عدالت ميونسپل ڪاميٽي ايڊمنسٽريشن تي بي اعتمادي ظاھر ڪندي ايڊمنسٽريٽر تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ۽ فنڊن بابت نيب کي جاچ لاءِ خط لکيو آھي.