سڳيون (ن پ ا) سڳيون ۾ ملاح برادريءَ جي ماڻهن جو بااثرن پاران حملي ۽ پوليس جي زيادتين خلاف  ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميڊيا آڏو دانهيندي شهرين صدورو ملاح، فياض علي ملاح، عبدالرزاق ملاح ، غوث بخش ملاح، معشوق علي ملاح، مظهر علي ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل رات دير سان جوابدار اختيار، پهلوان، لعل بخش ملاح سميت ٽيهن کان وڌيڪ هٿياربندن ڳوٺ تي حملو ڪري چادر ۽ چوديواريءَ جو تقدس پائمال ڪيو، بعد ۾ پاڙي وارن جي مزاحمت تي هٿياربند فرار ٿي ويا. اهڙي رپورٽ سوڀوديرو ۽ سڳيون پوليس تي پڻ داخل ڪرائي آهي پر پوليس هن وقت تائين ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي. خدشو آهي ته ساڳيا ماڻهو اسان تي ڪنهن به وقت ٻيهر حملو ڪري سگهن ٿا. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي  انصاف فراهم ڪيو وڃي.