ٺل (ن پ ا)  ٺل تعلقا اسپتال جي ڊاڪٽر نعمت چنو پاران ري ايمبورسمينٽ ميڊيڪل بل تي ايم ايس  جي جعلي صحيءَ واري مامري جي 4 ڏينهن گذرڻ باوجود به جانچ شروع نه ٿي سگهي. جانچ ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر منير سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته زباني طور تي ايم ايس ٺل جانچ لاءِ اطلاع ڪيو هو پر لکت ۾ اڃان  ليٽر ناهي مليو،ان ڪري جانچ جي شروعات ناهي ڪئي، ليٽر نه ملڻ تائين جاچ شروع نه ڪبي.ايم ايس ٺل ڊاڪٽر نادر علي پنهور پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته لکت ۾ ليٽر ان ڪري دير سان ڪڍيو ويو ڇوته وچ ۾ موڪل جو ڏينهن هو ۽ جانچ ٽيم جو سربراهه ڊاڪٽر منير سومرو ڪراچي ويل هو، ليٽر لکت ۾ جانچ ٽيم کي جاري ڪيو آهي، هاڻي ان جانچ ٽيم کي جانچ ڪرڻي آهي جيڪو ڪندا ان موجب ڪاروائي ڪئي ويندي هن ٻڌايو شوڪاز جو جواب ڊاڪٽر نعمت چني ناهي ڏنو. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر نعمت چنو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته رڳو اوهان ميڊيا وارا هروڀرو مامري کي اشو بڻائي رهيا آهيو، مان پنهنجو ميڊيڪل جو آئيني طور تي بل سيڪريٽريٽ مان پاس ڪرايو آهي. ياد رهي ته 4 ڏينهن اڳ تعلقا اسپتال جي ڊاڪٽر نعمت چنو پاران ري ايمبورسمينٽ جي بل خزاني آفيس ۾ پاس ڪرائڻ لاءِ اماڻيو، خزاني آفيس جي آڊيٽر شبير علي ابڙي پاران ميڊيڪل سپريڊنٽ تعلقا اسپتال ٺل نادر علي پنهور جي بل تي ٿيل صحيح جعلي هجڻ جو شڪ ظاهر ڪري بل روڪي ڇڏيو هو جنهن بعد جعلي صحي اسڪينڊل ڪر کنيو آهي.