ڪوٽ لالو (ن پ ا) گورنمينٽ پرائمري اسڪول جاجهه ريگيوليٽر اسڪول ۾ بنيادي سھولتن جي کوٽ خلاف شاگردن ۽ شاگردياڻين جو احتجاج. تفصيل موجب ڪوٽ لالو جي علائقي جاجھه ريگيوليٽر جي قديمي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ بنيادي سھولتن جي سخت کوٽ خلاف شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران مظاهرو  ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ان حوالي سان  شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪوثر پروين، محمد جواد، سائره، جنيد علي، فضا سميت وڏي تعداد ۾ ٻارڙن احتجاج ڪندي دانھيو ته اسان جو اسڪول آءِ بي اي جي انتظام ھيٺ ھلندڙ آھي پر اسڪول ۾ بنيادي سھولتن جي سخت کوٽ جي ڪري تدريسي عمل سخت متاثر  ٿي رھيو آھي. ھنن سنڌ جي تعليم واري وزير، چونڊيل نمائندن سميت ضلعي تعليمي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته اسڪول ۾  واش روم، سولر سسٽم، چؤديواري، استادن سميت بنيادي سھولتون فراھم ڪري تدريسي عمل بحال ڪيو وڃي.