ٽنڊو ڄام (ن پ ا) ٽنڊوڄام ويجهو حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي کيسانو موري موڙ وٽ  ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار ٽي نامعلوم ڦورو ٽنڊوڄام جي موبلنڪ فرنچائز ريڪوري آفيسر عبدالوهاب شيخ کان هٿيارين جي زور تي ساڍا چار لک رپيا روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. انهي سلسلي ۾ فرنچائز جي اونر راجيش رابطو  ڪرڻ تي ٻڌايو ته فرنچائيز جي ريڪوري آفيسر کان ساڍا چار لک رپيا ڦر ٿي آهي. جنهن جي رپورٽ ٽنڊوڄام ٿاڻي تي درج ڪرائي وئي آهي. هوڏانهن زرعي يونيورسٽي جي رهائشي ڪالوني ۾ سيڪيورٽي هجڻ باوجود به زرعي يونيورسٽي جي اڳوڻي ملازم اڳواڻ زبير سمون جي موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي.