گمبٽ (ن پ ا) هڪ مهينو اڳ گمبٽ ابل واهه ڀر سان کنڀي گم ڪيل نوجوان سعيد احمد سولنگي کي ايڊيشنل  سيشن جج ٽو شاهه جي مشين لڳ سرڪاري ٽيوب ويل جي ڪمري تي ڇاپي هڻي بازياب ڪرائي ورتو، اڳوڻو ايس ايچ او گمبٽ، ون فائيو انچارج ۽ 2 اهلڪار رڪارڊ سميت عدالت طلب. تفصيل موجب هڪ مهينو اڳ گمبٽ ابل واهه ڀر سان لوهه جي دڪان تي پورهيو ڪندڙ نوجوان سعيد احمد سولنگي کي گمبٽ پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو. گذريل ڏينهن ايڊيشنل سيشن جج ٽو خيرپور، راڻيپور ڀر سان شاهه جي مشين وٽ سرڪاري ٽيوب يول جي ڪمري تي ڇاپو هڻي بازياب ڪرائي ورتو. ان سلسلي ۾ نوجوان جي ڀاءُ محمد يعقوب سولنگي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سعيد احمد سولنگي تي ڪو به ڪيس داخل نه آهي، ڀاءُ ابل واهه ڀر سان لوهه جي دڪان تي مزدوري ڪندو هو، جنهن کي اڳوڻي ايس ايچ او نواز چاچڙ ۽ ون فائيو انچارج احمد علي ڄامڙي ۽ پوليس اهلڪارن سرعام دڪان تان کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو هو. وڪيل شاهه محمد بانگو معرفت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ درخواست ڏني هئي. هوڏانهن عدالت اڳوڻي ايس ايچ او گمبٽ محمد نواز چاچڙ، ون فائيو انچارج احمد علي ڄامڙو، پي سي مٺل جوڻيجو سميت پوليس اهلڪارن کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي. بازياب ڪرايل نوجوان سعيد احمد سولنگي ٻڌايو ته پوليس هڪ مهيني تائين زنجيرن ۾ ٻڌي مختلف هنڌن فقيرآباد، ڪمند جي فصل، مڇي جي تلائن، مال جي واڙن تي رکيو. پوليس بنا جواز ظلم ڪيو آهي. انصاف ڪيو وڃي.