سڪرنڊ (ن پ ا) 5 ڏينهن اڳ سڪرنڊ شهر جي حسين آباد ڪالوني ۾ ٽرانسفارمر ڌماڪي سبب زخمي ٿيل 14 ورهين جو نينگر رتن ولد پنهون جنڊاوڙو زخمن جا سور نه سهندي  ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي، جنهن بعد فوتي ٻارن جو انگ 2 ٿي ويو آهي، ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ نينگر ديپڪ به فوت ٿي ويو هو، جڏهن ته هڪ ئي پاڙي ۾ 2 ڏينهن ۾ 2 معصوم فوت ٿيڻ بعد علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول آهي، جڏهن ته ٽين زخمي نينگر ساگر ولد مگهو جنڊاوڙو جي حالت پڻ نازڪ آهي، جيڪو  ڪراچي جي برنس وارڊ ۾ داخل آهي، ٻي طرف فوتي رتن جي والد پنهون جنڊاوڙو ٻڌايو ته واپڊا عملي جي غفلت سبب اسان جا 2 معصوم ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ٽئين جي حالت پڻ نازڪ آهي،  حيسڪو عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن    ڊي ايس پي سڪرنڊ اظهر حسين سمون ٻڌايو ته حيسڪو عملدارن خلاف اڳ ئي ڪيس داخل ٿيل آهي، واقعو ساڳيو ئي آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ ٻئي معصوم ٻار جو پڻ ڪيس ساڳئي ايف آئي آر ۾ شامل ڪيو ويندو.