دادو ( رپورٽر ) جوهي پوليس جي مبينا مقابلي مارجي ويل مبينا هٿيار بند جي 36 ڪلاڪ گذرڻ باوجود سڃاڻپ  نه ٿي سگهي آهي ، پوليس پاران مارجي ويل جي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جزا وٺي لمس ليبارٽري ڄامشورو موڪليا ويا آهن ، ٻئي طرف مارجي ويل مبينا ھٿيار بند جو لاش لاوارث حالت ۾ 36 ڪلاڪن کان شديد گرمي ۾ دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ جي هڪ ڪمري ۾ پيل هئڻ ڪري خراب ٿي ويو ، لاش مان بدبوء ڦهلجڻ سبب ڊاڪٽر ، اسٽاف جا ملازم توڙي علاج لاء ايندڙ مريض ماسڪ پائڻ ۽ منهن تي ڪپڙو ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا، ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف جي ملازمن پاران شڪايتون ڪرڻ تي پوليس ايڌي رضاڪارن کي گهرائي دادو ڀرسان قبرستان ۾ دفنايو ويو آهي ، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جي ڊي اين اي ٽيسٽ سڃاڻپ ٿي ويندي