سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ويجهو عيسو ڪيريو روڊ تي تيز رفتار چنگچي  رڪشا جي ٽائر ۾ لوئي ڦاسڻ سبب ڳوٺ بهادر جوکيو جو رهواسي ڊرائيور عرفان ولد عباس عمراڻي هيٺ ڪري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻئي طرف سڪرنڊ باءِ پاس مير خان لغاري اسٽاپ وٽ نوابشاهه کان حيدرآباد ويندڙ تيز رفتار مسافر وين ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ نظير احمد، عرفان علي ۽ همت زخمي ٿي پيا، جن کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو.