مدئجي  (ن پ ا) مدئجي جي عيدگاهه محلي ۾نوجوان حسين پٽ سڪندربروهي ڪتر دوران مشين مان ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو. جنهن کي وارثن کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران سندس جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.وارثن ٻڌايوته نوجوان گهر اندر مينهن لاءِ ڪتر ڪري رهيو هو ته مشين مان ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو جنهن کي کڻائي اسپتال پهتاسين جتي ڊاڪٽرن سندس جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.