دريا خان مري (رپورٽ: حفيظ پلهه) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ محمد رمضان واسي مبيجو برادري ۽ ڳوٺ ميرانپور واسي پلهه برادري جي ٻن ڌرين ۾ 33 سالن کان ھلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ڳوٺ چاناري ۾ مدرسه انوارالھدي حماديه ۾ قاري محمد حسن موروجو جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ پلھه برادري جي الھرکيو عرف پوڙھو پلھه، غلام حيدر پلھه ۽ مبيجا ڌر جي سرور مبيجو ۽ گل محمد مبيجو ۽ امين طور غلام رسول زرداري، محمد عظيم راڄپر، شاھ محمد سھتو، محرم علي کوسو، روشن شاھ، محب شاھ، شفيق ميان راڄپر، يوسف راڄپر ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، فيصلي ۾ ٻنھي ڌرين جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ٻنھي ڌرين جون پاڪ ڪتاب تي ڳالھيون ٻڌڻ بعد امينن مبيجا ڌر تي 5 لک روپيا ڏنڊ رکيو جيڪو هو پلھه برادري کي 30 ڏينھن اندر ادا ڪندي، جڏھن ته فيصلي ۾ شرط رکي پلھه برادري کي پابند ڪيو ويو ته شڪيل مبيجو ۽ ان جي ڀائرن جي طرفان ڪا تڪليف يا جھيڙو آھي ته ان ۾ مبيجا برادري جي ٻين ماڻھن کي بنا ثبوت جي شامل نه ڪيو ويندو، جڏھن ته مبيجا ڌر کي پابند ڪيو ويو ته شڪيل احمد ۽ ان جي ڀائرن کان جيئن لاتعلقي آھي ان کي برقرار رکندا ۽ پلھه برادري شڪيل مبيجو وارن سان ڪو به جھيڙو وغيره ڪندي ته مبيجا برادري سندن ساٿ نه ڏيندي، واضح رھي ته 33 سال اڳ پوليس اھلڪار منظور مبيجو کي اغوا بعد قتل ڪرڻ تان ڌرين تڪرار شروع ٿيو ھو، جنهن ۾ الھڏنو پلھه ۽ استاد خالد حسين پلھه پڻ قتل ٿي ويا هئا.