لاڙڪاڻو ( رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ضلعي ۾ تعليم کاتي طرفان ڊيوٽين تان غير حاضر رهندڙ 95 ميل ۽ فيميل استادن جون نوڪريون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي شروعاتي طور 15 استادن  کي فارغ ڪيو ويو.جن ۾ 13 فيميل ۽ 2 ميل استاد شامل آهن. جن مان 6 تعلقي ڏوڪري، 3 لاڙڪاڻي تعلقي، 5 باقراڻي تعلقي ۽ هڪ رتوديرو تعلقي جا استاد آهن.ڏوڪري تعلقي جو پرائمري اسڪول وڏي وھڻي جي شازيه، پرائمري اسڪول گاجي ديرو جي شاھده پروين، پرائمري اسڪول وڪڙو جي عزره، پرائمري اسڪول باڊهه جي فرزانه، پرائمري اسڪول ڌڻي بخش جوڻيجو جي خالده سوھو، لاڙڪاڻي تعلقي جي پرائمري اسڪول محمود ديرو جي حميرا، پرائمري اسڪول علي محمد چاوڙو جي حسينه، پرائمري اسڪول منور آباد جو مختيار احمد، باقراڻي تعلقي مان پرائمري اسڪول ڪلهي جو محمد ڪاشف، پرائمري اسڪول وڏا مھر جي تھمينه، سچي ڏنو ڪلھوڙو پرائمري اسڪول جي صفيه پروين، پرائمري اسڪول سچي ڏنو ڪلھوڙو شبنم، پرائمري اسڪول صاحب خان مشوري جي سيمان ناز، تعلقي رتوديرو مان پرائمري اسڪول نئون ديرو ون  جي منتشا ڪومل شامل آهن. واضع رهي ته 6 جنوري تي انھن ميل ۽ فيميل استادن جي نوڪري ختم ڪرڻ جا ڊي اي او پرائمري لاڙڪاڻو گلشير سومرو آرڊر پڻ جاري ڪري ڇڏيا هئا. ان حوالي سان رابطي ڪرڻ تي ڊي اي او گلشير سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڄاڻايل ميل ۽ فيميل ٽيچرز 4 سال کان ڊيوٽيون نه پيا ڪن .جن کي سيڪرٽري جي حڪم تحت ڪارروائي ڪري نوڪرين تان فارغ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ضلعي جي وڌيڪ گوسڙو استادن جي فهرست تيار ڪئي پئي وڃي جن خلاف به ڪاروائي ڪئي ويندي.