سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان نوجوان مبينا طور اغوا، ٿاڻي تي رپورٽ داخل، ان ڏس ۾  سڪرنڊ ٿاڻي تي منور راجپوت رپورٽ داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته منهنجو ڀائيٽو 17 ورهين جو  عرفان راجپوت سڪرنڊ جي اصغر ڪالوني ۾ مائٽن ۾ گهمڻ آيو، جيڪو جيئن ئي گهران موٽر سائيڪل تي نڪتو ته کيس ڪار ۾ سوار 3 ڄڻا اغوا ڪري ويا. هن ٻڌايو ته اسان کي موبائل ذريعي اغوا ڪندڙن اطلاع ڏنو ته اسان عرفان کي اغوا ڪيو آهي، پوليس فون جي لوڪيشن جي جاچ ڪرڻ بعد ٻڌايو ته لوڪيشن خيرپور سائيڊ جي ملي رهي آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.