مٽياري (رپورٽر) عدالت منشيات جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ عورت سميت ٻن ڄڻن کي 14/ 14 ٽيپ جي سزا ٻڌائي ڇڏي،  ايڊيشنل سيشن جج مٽياري جي ماڊل ڪورٽ ۾ هالا ٿاڻي تي داخل ٿيل نائين سي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران وڪيلن جا دليل پورا ٿيڻ بعد عدالت سڳوري پنهجو فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌايو، جنهن ۾ پنج ڪلو هيروئن رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت مسمات ساجدا ۽ عبدالجبار کي 14/14 سال قيد ۽ 2/2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ياد رهي ته هالا پوليس ڪجهه عرصو اڳ قومي شاهراهه تي ڪاروائي ڪندي ٻنهي جوابدارن کي گرفتار سندن قبضي مان 5 ڪلو هيروئن هٿ ڪئي هئي.