جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد ڪوريجا شاخ ۾ ٽريڪٽر جو پارٽس بدلائڻ جي معاملي تان بروهي ۽ مارفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ منهن ماري بعد جهيڙو ٿي پيو، هوائي فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. بروهي برادري جي ماڻھن ٻن ڄڻن کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو. ان سلسلي ۾ آباد پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ذوالفقار بروهي جي پارٽس جي دڪان تي ٽريڪٽر جو سامان بدلائڻ جي معاملي تي ڌريون وڙهي پيون آهن بروهي برادري جي ماڻهن مارفاڻي برادري جي ٻن ڄڻن خادم ۽ عبدالڪريم کي رپيٽر سوڌو سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.