سکر (بيورو رپورٽ) ڪسٽم انٽيليجنس سکر جي سپريٽينڊنٽ علي احمد ٽالپر دعويٰ ڪئي آھي ته ڪوئيٽا کان لاھور ويندڙ جعفر ايڪسپريس تي روھڙي اسٽيشن وٽ ڳجھي اطلاع تي ڇاپو ھڻي انڊين زيوربرآمد ڪيا آھن، ڄاڻايل زيورن جي ماليت ڏيڍ ڪروڙ رپيا آھي، ڪارروائي کان اڳ جوابدار فرار ٿي ويا، جڏھن ته اھڙو ڪيس داخل ڪري انڪوائري شروع ڪئي وئي آھي.