سکر (بيورو رپورٽ) سکر واسي روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ نينگر ۽ وارثن جو علاج نھ ڪرائڻ خلاف حتجاج ڪيو. اِن موقعي تي نينگر زوهيب جي والد عبدالحفيظ کوسو، ميهر علي کوسو ۽ ٻين دانھيو ته هڪ مهينو اڳ راهوجا لڳ سي پيڪ روڊ تي ھڪ نجي ڪمپني جي آفيسر ياسر ڪار جو ٽڪر ھڻي
زوھيب کي زخمي ڪيو ھو، جنھن کي رحيم يار جي خانگي اسپتال مان علاج جاري آھي، جنھن جي علاج ڪرائڻ جي مختيار ڪار سکر انيس الرحمان ضمانت ڏني هئي ته نينگر جي علاج تي جيڪو به خرچ لڳندو ڀري ڪار ھلائيندڙ ڀري ڏيندو. پر ھن وقت تائين علاج جو خرچ ڏيڻ کان لنوائي رهيا آھن، حادثي جي رپورٽ سائيٽ ٿاڻي تي پڻ داخل ٿيل آھي. ھن ايس ايس پي سکر کان انصاف جو مطالبو ڪيو آھي.