سکر (بيورو رپورٽ) پنوعاقل جي ڳوٺ امام بخش جتوئي واسي بھاول جتوئي سکر ۾ احتجاج ڪندي الزام مڙھيو آھي ته بااثرن 7 جريب زمين تي ڪڻڪ جي تيار فصل کي باهه ڏئي ساڙي لکين رپين جو نقصان ڪيو آھي. اهڙي درخواست ايس ايس پي سکر کي به ڏني آھي جنهن ايس ايچ او سانگي
کي جاچ ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي لاءِ لکيو آھي، پر ڪو تحرڪ ناھي ٿيو، هن ٻڌايو ته ان کان اڳ به ساڳن ماڻھن ھڪ مهينو اڳ سندس مڇي جي تلاءَ ۾ زهر هاري لکين رپين جو نقصان ڪيو هو. تحفظ فراھم ڪري نقصان ڪندڙن کي گرفتار ڪري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.