سکر: ڪار هٿ، ڪار مالڪ نوجوان جو پتو نه پيو، پوليس ۾ حد جو تڪرار

0
282

سکر: سنڌوءَ درياءَ تي سکر بئراج وٽان اڏيل نئين پل تان ڪار ھٿ اچڻ بعد ڪار ۾ سوار ڊاڪٽر محمد پڃل ڪلھوڙو جي نوجوان پٽ محمد عباس جو پتو نہ پئجي سگھيو، سکر ۽ خيرپور پوليس ۾ حد بندي جو تڪرار برقرار آهي. ھٿ آيل ڪار واري ھنڌ خيرپور جي ٻٻرلوءِ، سکر جي روھڙي ۽ ايئرپورٽ پوليس موجود آهي. حد جو تعين ڪرڻ لاءِ ٻنھي ضلعن جي مختياڪارن کي طلب ڪيو ويو. مختيارڪار رڪارڊ ذريعي حد جو تعين ڪندا. سکر پوليس طرفان خيرپور ۽ خيرپور پوليس طرفان سکر جي حد قرار ڏيڻ بعد پراسرار نموني گم ٿيل نوجوان جي ڳولھا يا اِن مامري جي جاچ بجاءِ پوليس حدبندي تڪرار ۾ الجھيل آهي، جڏهن ته ڪار ۾ سوار محمد عباس ڪلھوڙو جي موبائيل فون توڙي ڪار جي چاٻي بہ موجود آهي.