گهوٽڪي: ڳوٺاڻن پاران ڪارنهن الزام جي چٽي ڀرڻ لاءِ ٻار وڪرو ڪرڻ جا هوڪا

0
266

گهوٽڪي: ڪارنهن الزام ۾ 55 لک روپيا ڏنڊ جي رقم ڀري ڏيڻ لاء متاثر ڌر ٻار وڪرو ڪرڻ لاء شهر جي بازارن ۾ هوڪا ڏنا. ڳوٺ جانڻ واسو جي رهواسي ڳوٺاڻن اميرحمزه واسو,مسمات بختاور خاتون واسو ٻن معصوم ٻارڙن,ٽن سالن جي معصوم محمود واسو ۽ چئن سالن جي سلمي واسو کي وڪرو ڪرڻ لاء شهر جي بازار ۾ دوڪانن تي وڃي هوڪا ڏنا. متاثر اميرحمزه واسو جو چوڻ هو ته علائقي جي بااثر وڏيري امان اللّه واسو,حبيب اللّه واسو ۽ ٻين بالاچ خان شاهاڻي وٽ ڪارنهن معاملي جو جرڳو ڪري اسان کي قصور وار قرار ڏئي 55 لک روپيا ڏنڊ وڌو آهي. غريب مسڪين آهيون اسان کي 55 سئو روپين جي ڀرڻ جيتري حيثيت ناهي 55 لک روپيا ڪٿان آڻينداسين؟ ڏنڊ جي رقم 55 لک روپيا ڀري ڏيڻ لاء ٻار وڪرو ڪري رهيا آهيون.احتجاج ڪندڙ اميرحمزه واسو,درگاهي واسو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اگر وڏيري امان اللّه واسو کي اگر 5 جولاء تي ڏنڊ جي رقم 55 لک روپيا نه ڏني سين ته هو اسان کي قتل ڪري ڇڏيندو.