موري ۾ 13 ورهين جي نينگري مبينا طور اغوا، احتجاج

0
261

مورو(ن پ ا ) مورو شھر جي گچيرو روڊ تان رات دير سان 13 سالن جي ۽ پنجين درجي جي شاگردياڻي حنا سولنگي ھٿيارن جي زور تي سندس برادري جا ماڻھو مبينا طور اغويٰ ڪري کڻي ويا، مورو ٿاڻي تي رپورٽ داخل، واقعي خلاف ناري جي وارثن خادم حسين سولنگي، ڀاءُ محمد علي سولنگي، روشن سميع سولنگي سان گڏجي مورو پريس ڪلب پھچي احتجاجي مظاھرو ڪيو، وارثن جو چوڻ آهي ته نياڻي حنا سولنگي کي حيدرآباد م رھندڙ برادري جي ماڻھن حاڪم علي عرف دوست محمد سولنگي، فراز فرھاد علي، وقار علي، عادل سولنگي ھٿيارن جي زور تي نياڻي کي کنڀي کڻي ويا آھن، هنن چيو ته اسان جي نياڻي کي تشدد ڪري اغويٰ ڪيو ويو آھي، مورو ٿاڻي تي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي آھي پر ھن وقت تائين ڪو تدارڪ ناھي ٿيو، نياڻي جي بازيابي لاءِ قانوني قدم کڻي ملوثن کي گرفتار ڪيو وڃي. علائقي ۾ چوٻول آهن ته ڪجهه وقت پھريان مبينا اغويٰ ڪيل ناري حنا سولنگي جي ڀاءُ روشنا ڌيءَ حاڪم علي عرف دوست محمد سولنگي سان عدالت م پسند جي شادي ڪئي جنھن جي پلاند م حنا کي اغويٰ ڪيو ويو آھي.