سکر/شڪارپور (نمائندن وٽان) سنڌ اندر وياجين جو آزار وڌي ويو، يتيم نينگري مبينا طور تي 6 لک رپين جي وياج عيوض 60 ورھين جي پيرسن کي وڪرو، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، ايس ايس پي شڪارپور الزام ھيٺ آيل شخص کي گرفتار ڪري ورتو. لکت بعد نينگري وارثن حوالي. اِن ڏس ۾ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو مطابق سکر واسڻ 12 ورھين جي يتيم نياڻي صبا گل چنو کي 6 لک روپين عيوض 60 ورھين جي حوران جعفري نالي پيرسن شخص کي وڪرو ڪئي وئي آھي، ٻڌايو پيو وڃي ته سکر واسي عمران چنو نالي شخص حوران جعفري کان وياج تي رقم ورتي ھئي جيڪا وڌي 10 لک رپيا ٿي وئي، جنھن مان ھن 4 لک رپيا ادا ڪيا ۽ شاھنواز بنگلاڻي نالي شخص معرفت 6 لک روپين عيوض پيرسن حوران جعفريءَ سان 12 ورھين جي نينگريءَ جو رشتو ورتو ويو، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ باقائدا نينگريءَ جو رشتو ورتو ويو، جنھن ۾ نينگري کي رئو به پارايو ويو آھي ۽ پئسن جي بج ڏيتي ليتي ٿي رھي آھي. اھو پڻ ٻڌايو پيو وڃي ته نينگري يتيم آھي ۽ ان جو رشتو سندس ئي چاچي طرفان پيرسن شخص سان ڪرايو ويو. اِن موقعي تي ٺاھيل وڊيو وائرل ٿي وئي آھي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو جو ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ نوٽيس وٺندي الزام ھيٺ آيل حوران جعفري کي گرفتار ڪري ورتو، جڏھن ته نينگري کي پڻ پوليس پنھنجي تحويل ۾ وٺي شيلٽر ھوم پھچايو، نينگري جي عمر ننڍي هجڻ ڪري پوليس لکت وٺڻ بعد نينگري کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آھي. پوليس ذريعن اِھو پڻ ٻڌايو آھي ته گرفتار حوران جعفري سميت ٻين کي شخصي ضمانت ۽ پڇا ڳاڇا کان پوءِ آزاد ڪيو ويو آھي.