لاهور (م ڊ) جناح هائوس حملي واري واقعي ۾ اڳوڻي آءِ جي سنڌ ۽ پنجاب ميجر رٽائرڊ ضياءَالحسن جي پٽ کي به گرفتار ڪيو ويو آهي پوليس موجب 9 مئي واقعن تي ڪارروائي جاري آهي جوابدار رضوان ضياءَ کي جيو فينسنگ لوڪيشن سامهون اچڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدار جناح هائوس ٻاهران احتجاج ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۾ ملوث هو، جوابدار جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.