سکر: عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ايڊووڪيٽ فرزانه کوسو، ڊاڪٽر عائشا ڌاريجو، فرزانه کوسو جو چوڻ آھي ته وياج جھڙو غيرقانوني ڪم ڪندڙ ھاڻي اِن حد تائين پھچي ويا آھن جو پئسن عيوض معصوم نياڻين جا رشتا وٺن پيا، جيڪڏھن وياج خورن خلاف پوليس توڙي لاڳاپيل ادارا موثر ڪاروائي ڪن ھا ته اھڙا ڏينھن ڏسڻا نه پون ھا. ھنن چيو ته وياجين ڪيترائي گھر تباھ، برباد ڪري ڇڏيا آھن، ماڻھو پريشانين، مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ وياج ته وٺن ٿا پر ان جي بدلي ۾ پنھنجون ملڪيتون وڃائي ويھن ٿا، ھاڻي ته وياجي ھر حد پار ڪري ويا آھن شڪارپور واسي 60 ورھين جي پرسن حوران جعفري طرفان وياج واري رقم نه ملڻ تي 12 ورھين جي معصوم نينگري صبا جو رشتو ورتو ويو ۽ يتيم نينگر جي چاچي کي به پنھنجي نياڻي تي رحم نه آيو. ڊاڪٽر عائشا ڌاريجو مطابق ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ سان رابطو ڪيو ويو آھي جنھن ٻڌايو ته حوران جعفري کي گرفتار ڪيو ويو آھي. ان عمل ۾ ملوث ٻين ڪردارن  کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو. ھنن مطالبو ڪيو آھي ته واقع جي ايف آءِ آر داخل ڪري سمورن ڪردارن خلاف ڪاروائي ڪري کين سخت سزا ڏئي ھڪ مثال قائم ڪيو وڃي ته جئين مستقبل ۾ اِن قسم جي واقعن جي روڪٿام کي يقيني بڻائي سگھجي.