سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) باگڙجي ٻيلي ۾ پراڻي تڪرار تان ٻن سڳن ڀائرن سميت قتل ٿي ويل چئن ڄڻن وارو معامرو، پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر 15 ڪلاڪن بعد لاشن جو پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پھتو، مارجي ويلن جون وارث عورتون سڄي رات مردا خاني ٻاھران کليل آسمان ھيٺ گذاري، پوليس  20 ڪلاڪن کان پوءِ لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، ھٿيارن جي پھري ھيٺ مارجي ويلن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد پير ظاھر ذڪريا قبرستان ۾ دفنايو ويو. ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار، ڌريون مورچا بند بڻيل. متاثر ڌر جي عورتن طرفان پوليس مٿان مخالف ڌر سان ملي ڪري چئني ڄڻن کي مارائڻ جو الزام. رپورٽ موجب باگڙجي ٻيلي اندر ڪشمير ۽ وزير عطراڻي جتوئي وچ ۾ پراڻي خوني تڪرار تان ٻه ڏينھن اڳ ٻن سڳن ڀائرن سميت وزير جتوئي واري ڌر جي مارجي ويل چئن ڄڻن نادر، محمد صالح، سردار بخش ۽ سنگھن عرف واحد بخش جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ پوليس 14 ڪلاڪن کانپوءِ سول اسپتال سکر پھچايا، جِتي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر موجود نه ھيو، لاشن سان گڏ پھتل عورتن اسپتال انتظاميا توڙي پوليس وٽ دانھون ڪيون ته ڊاڪٽر کي گھرائي پوسٽ مارٽم بعد لاش حوالي ڪيا وڃن، آسرن ۽ دلاسن ۾ پوري رات گذري وئي، لڳ ڀڳ 15 ڪلاڪن کانپوءِ پوسٽ مارٽم لاءِ ڊاڪٽر مشتاق گھمرو پھتو، جنھن جو چوڻ ھو ته منھنجي ڊيوٽي نه ھئي، کيس اوچتو گھرايو ويو آھي، معلوم ڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته مارجي ويلن جي جسم تي ھڪ کان وڌيڪ گولين جا نشان آھن، پوسٽ مارٽم بعد به ڪجهه ڪلاڪن تائين لاش مردا خاني ۾ پيل رھيا. متاثر عورتن ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي الزام مڙھيو ته پوليس ڄاڻي واڻي مخالف ڌر جي ونگار وھندي اسان کي تنگ ڪري رھي آھي، پوسٽ مارٽم ۾  ھٿ وٺي دير ڪئي وئي، ھاڻي لاشون ڏيڻ ۾ به دير ڪئي پئي وڃي، ڪشمير جتوئي واري ڌر بااثر ھجڻ ڪري پوليس انھن سان گڏجي اسان جا ماڻھو مارايا آھن، ھن وقت تائين اسان جي ڌر جون 10 قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن، پر ڪو داد فرياد ٻڌڻ وارو ناھي. اڄ بک تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪيو آھي پر ڪو پڇڻ لاءِ به ناھي آيو. پوليس لڳ ڀڳ 20 ڪلاڪن کان پوءِ مارجي ويلن جا لاش وارثن حوالي ڪيا. چئني ڄڻن جا لاش باگڙجي ٻيلي پھچايا ويا، جِتي ھٿيارن جي پھري ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد ميتون پير ظاھر جي قبرستان پھچايون ويون، جِتي مارجي ويلن جي ھٿيارن جي ڇانوَ ۾ تدفين ڪئي وئي. ٻئي طرف ھڪ ھفتو اڳ اغوا ٿي ويل ٻن مغوين کي سکر پوليس مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. اِن ڏس ۾ ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ جي ترجمان بلال لغاريءَ طرفان جاري ڪيل پڌرائي مطابق ھڪ ھفتو اڳ اغوا شڪارپور مان اغوا ٿي ويل باگڙجي ويجھو ساٻا ڳوٺ جو رھواسي عبيداللھ چنو ۽ جھلي ڪلواڙي جو رھواسي عارف ميکو ابڙو کي پوليس با حفاظت بنا ڪنھن نقصان جي مقابلي بعد بازياب ڪرائي ورتو آھي. پڌرائي مطابق پوليس کي ڳجھي اطلاع ملي ته رات جي اونداھيءَ ۾ ٻنھي مغوين کي شڪارپور مان سکر جي ڪچي منتقل ڪيو پيو وڃي، جنھن تي پوليس تماچاڻي ٿاڻي جي حد ۾ مياڻي ڍنڍ ويجھو پھتي ته ڏوھارين پوليس کي ڏسندي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ ھٿياربند ڪچي طرف فرار ٿي ويا، پوليس جھلي ڪلواڙي مان اغوا ٿي ويل ٻنھي مغوين کي پوليس باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو.